آداب عالمگيري

آداب عالمگيري (ڪتاب ):آداب عالمگيري، اورنگزيب جي خطن تي مشتمل فارسي ڪتاب آهي. اهي خط ٺٽي جي منشي ابوالفتح قابل خان ترتيب ڏنا، جيڪي اورنگزيب مختلف وقتن تي لکيا هئا. هنن مان ڪجهه خطن مان سترهين صديءَ جي آخري اڌ ۾ سنڌ ۾ پکڙيل بيچينيءَ ۽ ابتر صورتحال جي خبر پوي ٿي. اهي خط چوڌري عبدالغفور مرتب ڪري، ٻن جلدن ۾، 1971ع ۾، ريسرچ سوسائٽي آف پاڪستان، لاهور پاران ڇپايا. انهن مان ڪجهه خطن جو اردو ترجمو به ٿيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو